سنڌي ادب ۾ تنقيد

سنڌي ادب ۾ تنقيد

سنڌي ادب ۾ تنقيد

سنڌي ادب ۾ تنقيد

سنڌي ادب ۾ تنقيد

سنڌي ادب ۾ تنقيد (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ عرساڻي صاحب ڄاڻايو آهي ته هن مقالي لکڻ جي تحريڪ منهنجيءَ دل ۾، دراصل طالب علميءَ واري زماني ۾ ٿي. مون 1962- 1963ع ۾ ايم. اي (سنڌي) ۾ داخلا ورتي، جنهن جو چوٿون پيپر ’تنقيد‘ جو هو. اسان کي نه صرف تنقيد جو هڪ عام ادبي موضوع جي حيثيت ۾ مطالعو ڪرڻو هو، بلڪ سنڌيءَ ۾ تنقيد جي تاريخ ۽ ارتقا سان گڏ، جيڪي مشهور نقاد ٿي گذريا آهن، تن مان هرهڪ جي انفرادي ڪم ۽ ٻين متعلقه موضوعن کي به پڙهڻو هو . . . ليڪن ايڏي وسيع موضوع ۽ اونهي مطالعي لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪو به ڪتاب لکيل نه هو تنقيد جي عام موضوع تي. خير هڪ اڌ تصنيف ملي، ليڪن سنڌيءَ ۾ تنقيد جي ابتدا ڪڏهن کان ٿي، ڪهڙا قابل قدر نقاد ٿي گذريا ۽ ڪهڙي قسم جي تنقيد ۽ نظريا ڦهليا، تن متعلق ڪا تصنيف ته ڇا بلڪ هڪ مضمون به لکيو نه ويو هو. اهڙيءَ حالت ۾ . . . . سنڌيءَ ۾ تنقيد بابت جيڪا ٿوري گهڻي معلومات حاصل ڪيم، تنهن کي قسطوار هڪ مضمون بعنوان ’سنڌي ادب ۾ تنقيد جي تاريخ‘ ۾ گڏ ڪيم، جو روزنامه مهراڻ جي 21 ۽ اپريل 1963ع جي پرچن ۾ قسطوار شايع ٿيو. پوءِ ايم. اي (فائنل) ۾ مون چوٿين پيپر بدران مونوگراف لکڻ لاءِ ورتو. . . آخرڪار ڏهن مهينن جي گهڻِ محنت کانپوءِ ان ڪم کي پايه تڪميل تي پهچايم. منهنجي استاد جناب غلام علي الانا ۽ منهنجي مامي محمد اسماعيل عرساڻي جن منهنجي لکيل ڪم کي غور سان جاچيندا هئا ۽ منهنجي همت افزائي ڪندا هئا.
اهڙيءَ طرح عرساڻي صاحب جو اهو مونوگراف ’سنڌي ادب ۾ تنقيد‘ جي عنوان سان، مولانا غلام محمد گراميءَ جي مقدمي سان ڪرائون سائيز جي 236 صفحن تي پهريون ڇاپو، جون 1965ع ۾ رونق پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڪتاب جي مضمونن جي فهرست هن ريت هئي: (1) تنقيد جي تعريف ۽ ان جو صحيح مفهوم (باب پهريون)، (2) تنقيد جي اهميت (باب ٻيو)، (3) تنقيد جي اوليت (باب ٽيون)، (4) نظرياتي تنقيد ۽ عملي تنقيد (باب چوٿون)، (5) يورپ ۾ تنقيد جي ارتقا (باب پنجون)، (6) سنڌي تنقيد جا ارتقائي دؤر،(7) نوان رجحان، نظريا ۽ مڪتب فڪر (باب ستون)، (8) سنڌي ساهت جا نامور نقاد، (باب اٺون)، (9) ادب، تنقيد، فلسفي ۽ جماليات جا علمي اصطلاح، (10) ڪتابيات.
ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 223 صفحن تي مشتمل، اوسر اشاعتاڻي، حيدرآباد، مارچ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ادب ۾ تنقيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو